آليون اکيون اڻڀا وار

آليون اکيون اڻڀا وار (ڪتاب ):مشهور عوامي شاعر سرويچ سجاوليءَ جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو ڊيمي سائيز ۾ ڪچي جلد سان آهي. منجهس 144 صفحا آهن ۽ قيمت 5 روپيا ڄاڻايل آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو، لاڙ پبليڪيشن، سجاول پاران 1972ع ۾ وفائي پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو هن جا ٻه ٻيا ڇاپا به شايع ٿيا آهن. هن ڪتاب ۾ سرويچ سجاوليءَ جا ڊگها عوامي ۽ قومي نظم شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو